ملڪ ۾ سون چوٽ چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ واڌ ٿي وئي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 400 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 12 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 96 هزار 794 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 3 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 785 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.