جنهن جو خوف هو اهو ئي ٿيو، انگلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو اعلان

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلينڊ به پاڪستان خلاف سيريز رد ڪرڻ جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان گرين شرٽس خلاف سيريز نه کيڏڻ جو فيصلو پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو باضابطا طور اعلان ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته وومينز ٽيم جو به پاڪستان دورو رد ڪيو ويو آهي.

عوامي آواز اڳ ئي ذريعن وٽان خبر ڏني هئي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:  پاڪستان جا سڀ ارمان لُڙهي ويا، انگلينڊ طرفان دورو نه ڪرڻ جو فيصلو

ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم کي 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پر نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي کانپوءِ اها اميد به دم ٽوڙي وئي.

ان کان اڳ  اي سي بي ترجمان چيو هو ته سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪيويز طرفان پاڪستان دورو ختم ڪرڻ جي معاملي کان آگاهه آهيون، اسان سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته نيوزيلينڊ اوچتو دورو رد ڇو ڪيو، پاڪستان دوري جي حوالي سان تمام جلد حتمي فيصلو ڪنداسين.

عوامي آواز کي ذريعن وٽان خبر پئي هئي ته هڪ اهم عهديدار جو اي سي بي تي زور آهي ته پاڪستان کي موقعو ڏنو وڃي، جڏهن ته گهڻن جي اها راءِ هئي ته پاڪستان جو دورو نه ڪيو وڃي، ان معاملي تي گهڻو بحث به ڪيو ويو ۽ حتمي طور پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.