آصف زرداري ۽ پرويز مشرف بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ٽُٽي پئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻن صدرن پرويز مشرف ۽ آصف زرداري بابت 10 سال پراڻي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ٽٽي پئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي جي سربراهي ۾ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان ۽ جسٽس شجاعت علي خان تي ٻڌل عدالت عاليا جي 3 رڪني فل بئنچ آصف زرداري، پرويز مشرف ۽ يوسف رضا گيلاني بابت 10 سال پراڻي درخواستن جي ٻڌڻي ڪري رهي هئي.

فاضل بئنچ ۾ شامل جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان طرفان ٻڌڻي جو حصو بڻجڻ کان انڪار تي بئنچ ٽٽي پئي، جنهن کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نئين بئنچ جوڙيندو.

ٻڌڻي دوران جسٽس امير ڀٽي ريمارڪس ڏنا ته درخواستون داخل ڪندڙ شاهد نسيم، راڻا علم الدين ۽ الله بخش لاڏاڻو ڪري چڪا آهن ۽ سڀ درخواستون غير اثرائتيون ٿي ويون آهن پر پوءِ به نئين بئنچ جوڙي ويندي، ڇو ته آصف زرداري، پرويز مشرف، يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف به اپيلون داخل ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.