لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي جي جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ 15 ڏينهن اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪراچي جي جمالي ڳوٺ جي رهواسڻ مسڪان پنهنجي مڙس رتوديرو جي ڳوٺ بودو خان جتوئي واسي عبدالنبي جتوئي سان گڏجي تحفظ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسڪان ڌيءَ رياض سرائيڪي پنهنجي مڙس عبدالنبي جتوئي سان گڏجي دانهيو ته عبدالنبي ۽ آءُ ڪراچي جي هڪ گارمينٽ فئڪٽري ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئاسين جتي روزانو هڪٻئي سان ملاقات سبب اسان هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين بعد ۾ مون پنهنجي والدين کي عبدالنبي سان شادي ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا چيو پر انهن عبدالنبي کي منهنجو رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري مون گذريل 5 سيپٽمبر تي گهران نڪري عبدالنبي سان لاڙڪاڻي ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ان تي منهنجو پيءُ رياض ۽ ڏاڏو عبدالواحد اسان جي جانين جا دشمن بڻجي اسان کي موتمار ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي مڙس مٿان منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهن ٿا جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڌمڪيون ڏيندڙ پيءُ ۽ ڏاڏي خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.