ٽنڊي محمد خان ۾انفارميشن آفيس ٺهڻ سان ڪارڪردگي بهتر ٿيندي: ڊي سي

ٽنڊو محمد خان (هه آ) ڊپٽي ڪمشنر  ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي ۽ ٽنڊو محمد خان جي صحافين جي ڪوششن ۽ دلچسپي بعد ضلعي انفارميشن آفيس ٽنڊو محمد خان جو سنگ بنياد ڀرڻ تي اطلاعات کاتي جي عملي پاران ڊپٽي ڪمشنر ۽ صحافين جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته ضلعي انفارميشن آفيس ٽنڊو محمد خان جي ٺهڻ سان آفيس جي ڪم ڪار ۽ ڪاڪردگي ۾ بهتري ايندي . ياد رهي تقريبن هڪ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندڙ انفارميشن آفيس جي  ڊبل اسٽوري بلڊنگ تقريبن ستن ڪمرن تي مشتمل هوندي جيڪا هلندڙ مالي سال جي جون مهيني تائين مڪمل ڪري کاتي جي حوالي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.