گورک ويجهو چار حياتيون ضايع ٿيڻ جو نوٽيس، ايس ايڇ او طلب

جوهي ( ن ع آ  )   سنڌ جي مشھور تفريحي ماڳ ڪوھ مريء سان مشابهت رکندڙ  گورک هل اسٽيشن حادثي ۾ چار انساني حياتيون ضايع ٿيڻ واري واقعي بابت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي رپورٽون ۽ خبرون ھلڻ جو فرسٽ سول جج اينڊ جُوڊيشل مئجسٽريٽ جوهي عبدالسليم ڪلهوڙو پاران پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو آهي، ان سلسلي ۾ فرسٽ سول جج اينڊ جُڊيشل مئجسٽريٽ عبدالسليم ڪلهوڙو پاران واهي پانڌي جي S H O کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ کيس سختي سان هدايتون ڪيون ويون ته واقعي واري هنڌ  تي وڃي سياحن سميت واقعي ۾ زخمي ٿيلن جا بيان رڪارڊ ڪري ٽن ڏينهن ۾ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ته گورک حادثي جا اصل سبب ڪهڙا آهن,   ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گورک هل اسٽيشن تان واپسي دوران لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياحن جي گاڏي سان حادثو پيش آيو هيو جنهن ۾ مختيارڪار ۽ ٻن تپيدارن سميت چار انساني حياتيون ضايع ٿيون هيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.