سيري : نوجوان اتحاد پاران تعليم بچايو مستقبل سنواريو جي عنوان ھيٺ مظاهرو ۽ ڌرڻو

سيري ويجهو پنھورآباد ۽ آس پاس جي نوجوانن پاران تعليم بچائڻ لاء نوجوان اتحاد قائم تعليم بچايو مستقبل سنواريو جي عنوان ھيٺ مظاهرو  ڪري سيري ٽنڊو فضل روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن سياسي سماجي اڳواڻن  سيري شھري ايڪشن ڪميٽي  سميت ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻارن جي ھٿن ۾ ڪتاب بينر ۽ پلي ڪارڊ  هئا  جن تي تعليم بچايو مستقبل سنواريو تعليم خاطر جهيڙو آ تعليم کپي تالا نه کپن،  بند پيل اسڪول کولرايو جا نعرا لکيل هئا،  ان موقعي تي نوجوانن جي اتحاد جي اڳواڻن آصف پنھور الله ڏنو پنھور  مصطفى پنھور منصور گل پنھور خادم پنھور نعيم ۽ٻِين چيو ته اسان جا ايم پي اي ايم اين اي ستا پيا آهن ۽ اسان جا معصوم ٻار مال چاري رھيا  آهن، هنن چيو ته هتان جا اسڪول وڏيرن جو اوطاقون ۽ مال جا وٿاڻ ٺھيل آهن ، ھنن چيو ته اسان جا جائز مسئلا جلد حل نه ٿيا ته  ڪامورن ۽ عوامي نمائندن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.