نوابشاهه: دولتپور جي ڳوٺ سليمان ڪنڊي واسين پاران ناري جي اغوا خلاف احتجاج

دولتپور جي ڳوٺ سليمان ڪنڊي جي رھواسي محمد آچر سيال پنھنجي گھر واري مسمات بيبُل سيال، مسمات بصران سيال ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ ڌيءَ جي مبينه اغوا خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو  ته 15 ڏينهن اڳ رات جي وقت مسمات حڪيمان سيال اسان جي گهر آئي ۽ اسان کي نشو ڏئي پنھنجي برادري جي حضور بخش سيال،  اڪبر سيال، ضمير سيال، امير، غفار سيال سان گڏ هنن جي  14 ورھين جي رينا کي اغوا ڪري کڻي وئي آهي، ھن چيو ته اسان حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، جڏهن ته منھنجي ڌي کي اغوا ڪندڙ جوابدار ھن وقت علائقو ڇڏي ڪراچي ڀڄي ويا آھن ، انھن خلاف ڪراچي جي سخن ٿاڻي تي به ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري،  هن چيو ته جيڪڏهن سندس ڌي شادي ڪئي آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.