ڪراچي: منشيات فروش 2 پوليس اهلڪار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز 2 پوليس اهلڪارن کي منشيات وڪڻندي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب سچل ٿاڻي جي ٻنهي اهلڪارن کان 8 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي آهي، اهلڪارن کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جاچ ۾ خبر پئي آهي ته هڪ وڌيڪ پوليس اهلڪار به واردات ۾ ملوث آهي اهو پوليس اهلڪار ڊي ايس پي جو مبينا گن مين هو جنهن کي گم ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سچل مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪندي 16 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي، مبينا طور اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي رشوت وٺي جوابدارن کي ڇڏي ڏنو،  هٿ ڪيل چرس مان 8 ڪلو مبينه طور وڪري ڪرڻ لاءِ اهلڪارن کي ڏني وئي آهي پر اهي رينجرز هٿان گرفتار ٿي ويا.

پوليس اختيارين واردات ۽ جاري ڪيل جاچ جي تصديق ڪئي آهي انکان اڳ به جمشيد ڪوارٽر مان پڪڙيل منشيات وڪري جو انڪشاف ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.