برطانوي ڪابينا ۾ تبدليون، پرڏيهي وزير به مٽجي ويو

 

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبدليون ڪيون آهن.

برطانوي نشرياتي اداري موجب پرڏهي وزير ڊومينڪ راب کان پرڏيهي وزارت وٺندي ان کي نائب وزيراعظم ۽ انصاف وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊومينڪ راب لزٽرس کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ هو واپار واري وزير جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن تعليم جي وزير گيوِن ويلمسن، انصاف واري وزير رابرٽ بڪلينڊ ۽ هائوسنگ واري وزير رابرٽ جينرڪ کي ڪابينا مان واندو ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم هائوس آفيس موجب گهرو وزير پريتي پٽيل ۽ ناڻي واري وزير رشي سونڪ پنهنجي عهدن تي ڊميواريون ڏيندا رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.