”پارليامينٽ جي قانون تي اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي“

ممبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته پارليامينٽ جيڪو قانون پاس ڪري رهي آهي ان تي اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عثمان ڊار چيو ته اسان ڪهڙي به سطح تائين ادارن سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون، تنهنڪري بهتر هو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي خدشن بابت وزارت کي آگاهه ڪري ها انهن کي ميڊيا اڳيان آڻڻ مناسب نه هو.

هن چيو ته 2017 ۾ الڪيشن ريفارمز ٿيون، آرٽي ايس جو تحفو نون ليگ جو آهي، اليڪشن ڪميشن نه چيو آهي ته اسان آر ٽي ايس تي اليڪشن نه ڪرائينداسين، اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته پارليامينٽ جيڪو قانون پاس ڪري ان تي اليڪشن ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.