بدين ۾ ٿڌين هوائن گهلڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو

بدين (ڊ ر) بدين ۾ گرمي جو زور ٽٽي ويو ٿرپارڪر جي علائقن مان ايندڙ  ٿڌين ھواءُ سبب ماڻھن کي جياپو ڏئي ڇڏيو سخت گرمي ٻوسٽ وارو ماحول گذريل ھڪ ھفتي کان رھڻ سبب پيرسن ماڻھون سخت تڪليف جي ور چڙھي ويا سخت گرمي سان گڏو گڏ بجلي جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب رھڻ سبب مڇرن جو به سخت آزار ٿيڻ سبب مليريا بخار به ڪر کنيو آھي يوسين جا اختيار مختيارن کان واپس وٺڻ بعد مقرر ڪيل ائڊمنسٽريٽ مير منور ٽالپور اختيار ملڻ بعد بدين مان غائب ھجڻ سبب يوسيز انڌر مڇرن جي اسپري سميت سمورا ڪم ڪار ٺپ بنيل آھن عوامي آواز پاران مقرر ڪيل ائڊمنسٽريٽ مير منور سان مسلسل رابطي ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس موبائل تي رنگ ھلندي فون اٽينڊ نه ڪئي بدين جي مختلف يوسيز کي ماھوار پنج لک جي بجيٽ جيڪا ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻي آھي ھوندي آھي پر اھا رقم ائڊمنسٽريٽ پاران مختلف مدن ۾ ڪڍڻ لاء سيڪريٽرين کي تاڪيد ڪري ڇڏي آھي برساتون پوڻ بعد ھن وقت مڇرن جي سخت آزار ٻھراڙي وارن علائقن کي سخت تڪليف ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.