ڪاڇي جي ڳوٺن کي پاڻي نه مليو، فريد آباد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

فريدآباد ( رپورٽ: معشوق چانڊيو ) ڪاڇي جي 9 ڳوٺن ۾  پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ، ڳوٺن ۾ـپاڻي جون ٽانڪيون ٺاھي نه ڏيڻ ۽ واٽر سپلاءِ  جو ڪم بند  ڪرڻ خلاف فريدآباد  جي  سياسي سماجي  تنظيمن جي اڳواڻن ڪاڇي واسين ميهر علي ڏيرو، سڪندر بروهي، پيرمحمد ڏيرو، وڏيرو روشن  ٻگهيو،  شبير احمد ڪرٽيو، محرم علي رند، فداحسين ڏيرو، سجاد ڏيرو، سينگار چانڊيو،  بشير کوسو، قادن چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ، ھنن چيو ته ڪاڇي جي ڳوٺن فريدآباد الهڏنو تيوڻو مٿين اکڪڍائي ڀنڀا ڏيرا ولي محمد رند علي بخش تيوڻو ڇٽو ميرواڻي علي گوهر چانڊيو سڄڻ ميواڻي ۽ ٻين ڳوٺن  ۾ سالن کان پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ملي ناھي سگهي، ھنن چيو ته واٽر سپلاءِ  جي ڪم ۾ پبلڪ هيلٿ آفيسر ۽ ٺيڪيدار ولي الله ڀٽو  ڪرپشن ڪندي  اسان جي  9 ڳوٺن ۾ واٽر سپلاءِ  جون منظور ٿيل پاڻي جون ٽانڪيون ٺاھي ڏيڻ لاءِ  تيار ناھن، ڪاڇي جي ڳوٺن جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رھيا آهن، چيف جسٽس، پ پ چيئرمين، وڏو وزير ڪاڇي جي ڳوٺن کي پاڻي ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.