ڏهرڪي لڳ اسڪول تي قبضو، اوطاق ٺاهڻ جي ڪوشش، احتجاج

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي ويجهو ڳوٺ الله ڏتو موساڻي جي رهواسين غلام حسين موساڻي، برڪت موساڻي، عظيم موساڻي، علينواز موساڻي،  الهورايو شر ۽ ٻين اسڪول جي شاگردن سان گڏجي احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول آهي، جتي ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا پر ڳوٺ جو بااثر وڏيرو شبير احمد موساڻي تعليم دشمني ڪندي سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ تي زبردستي قبضو ڪري اسڪول جي بلڊنگ کي پنهنجي ذاتي اوطاق ٺاهڻ چاهي ٿو،  جنهن سبب ڪيترائي ٻار تعليم کان محروم ٿي ويندا،  ڳوڻاڻن حڪومت جي اعليٰ اختارين کي اپيل ڪئي ته وڏيري خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسڪول کي قبضي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.