نوابشاهه مان نوجوان گم، مزدور پيءُ جو احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھ جي علائقي ڀنگوار ڪالوني جي رھواسي مزدور محمد خان ڀٽي نوابشاھ پريس ڪلب پھچي پنھنجي 15 ورھين جي ذھني توازن وڃايل پُٽ وقار ڀٽي جو فوٽو ھٿ ۾ کڻي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي تہ منھنجو نوجوان پُٽ اڳ بہ ڪيترا دفعا ذھني توازن درست نہ ھئڻ سبب گھران نڪري گم ٿيندو رھيو آھي پر بعد ۾ انسانيت سان محبت ڪندڙ ماڻھو کيس گھر پھچائي ويندا رھيا آھن ھن چيو تہ پنج ڏينھن اڳ وقار گھران نڪري خبر ناھي ڪاڏي ھليو ويو آھي وقار کي اڇي رنگ جا ڪپڙا پاتل آھن ۽ سندس قميس جي پُٺيان منھنجو موبائيل نمبر بہ لکيل آھي مون اھڙو اطلاع ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڏنو آھي ھن چيو تہ مان مزدور ماڻھو مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان يا گم ٿيل پُٽ کي ڳوليان ڪا بہ ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي سان ڏاڍا پريشان آھيون ھن چيو تہ گذريل پنجن ڏينھن کان مزدوري تي نہ وڃڻ ڪري منھنجا گھر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن پورھيت محمد خان ڀٽي پوليس اختيارين، سماجي تنظيمن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آھي تہ کين ڪٿي بہ سندس پُٽ وقار ڀٽي نظر اچي تہ سندس قميس پُٺيان لکيل موبائيل نمبر تي رابطو ڪن تہ اسان ان ھمدرد انسان لاءِ ھميشہ دعاڳو رھنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.