زرعي يونيورسٽي ۾ راندين بابت ورڪشاپ شروع

ٽنڊوڄام (پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪيمشن جي سهڪار سان ملڪگير خانگي ۽ سرڪاري يونيورسٽين جي راندين جي شعبن تي ٻڌل بورڊ ۽ راندين ۽ صحتمند سرگرمين بابت 55 هون اجلاس ۽ راندين بابت ٽن ڏهاڙن وارو قومي ورڪشاپ شروع ٿي ويو آهي، ان جي افتتاحي تقريب يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم هال ۾ ٿي، جنهن جي صدارت راندين ۽ نوجوانن جي مامرن بابت صوبائي سيڪريٽري سيد امتياز علي شاهه صدارت ڪئي، جڏهن ته ڪامياب جوان اسپورٽس ۽ ڪوڪريڪيولم ڊويزن جو ڊائريڪٽر انجنيئر جاويد احمد ميمڻ ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري مهمان هئا، هن ميگا ايونٽ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان علاوه ملڪ جي 16 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جا وائيس چانسلر ۽ چئني صوبن ، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي 90 کان وڌيڪ يونيورسٽين جا ڊائريڪٽر اسپورٽس پڻ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي راندين ۽ نوجوانن جي مامرن بابت صوبائي سيڪريٽري سيد امتياز علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ اسڪول کان يونيورسٽي سطع تائين راندين کي لازمي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سنجيدگي سان ڪم ڪري آهي، جنهن لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج تائين راندين بابت مضمون پڙهايو ويندو ۽ ان ۾ 40 سيڪڙو ٿيوري ۽ 60 سيڪڙو پريڪٽل به شامل هوندو، هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ هن وقت تائين سنڌ اسپورٽس پاليسي ناهي جڙي سگهي، ان لاءِ اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 80 واري ڏهاڪي کان سنڌ اسپورٽس بورڊ موجود آهي، پر ان جا اجلاس نه پيا ٿين، نه ئي بورڊ جي حوالي سان قانون جڙي سگهيو هو، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي راندين واري شعبي پاران بورڊ جا رولز جوڙي ورتا آهن، جيڪي قانون واري وزارت کي موڪليا ويا آهن، بعد ۾ منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا حوالي ڪيو ويندو، هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي تي مختلف راندين جي فيڊريشن ۽ ايسوسيئيشن ۾ مافيا جو قبضو آهي ۽ سالن کان انهن جون چونڊون نه پيون ٿين ۽ ڪجهه ماڻهن واري انهن جي سامهون ٻيون ايسوسيئيشن جوڙيون آهن، جنهن جي ڪري رانديون اڳتي نه پيون وڌن،هن چيو ته انهن مافيائين کان راندين جي ايسوسيئيشنز کي آجو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن باظابطه چونڊون ٿين ۽ سنڌ جي شهرن سميت ٻهراڙي وارن علائقن مان به بهترين رانديگرن کي پنهنجو ٽيلينٽ ڏيکارڻ جو موقعو ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.