مهانگائي ڪورونا سبب وڌي، اٽي جا اگهه گهٽجي ويندا: شوڪت ترين

اسلام آباد ( م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مهانگائي صرف پاڪستان ۾ نه پر سموري دنيا ۾ وڌي وئي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اٽي، کنڊ ۽ دالين جا اگهه گهٽجي ويندا.اسلام آباد ۾ ٻين وفاقي وزيرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڪورونا سبب سموري دنيا ۾ عام واهپي وارين شين جون قيمتون وڌيون آهن. ڪورونا سبب شين جي فراهمي متاثر ٿي ۽ ان جا منفي اثر پيا. مهانگائي صرف پاڪستان ۾ نه پر سموري دنيا ۾ ٿي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ في ٽن 430 ڊالر تي هلي وئي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته ماضي ۾ زراعت جي شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهن سبب هاري متاثر ٿيو. اسان کي زرعي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هاري کان وٺي ريٽيلر تائين قيمتون مقرر ڪري رهيا آهيون. احساس پروگرام جو ڊيٽا اچي ويو آهي جنهن جي تحت اسان هلندڙ مهيني کان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏينداسين. ان کان اڳ گيس ۽ بجلي تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏئي رهيا هئاسين. هاڻ اٽو، گيهه، کنڊ، دالين تي روڪ سبسڊي ڏينداسين. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اٽي جون قيمتون گهٽ ٿي وينديون.شوڪت ترين چيو ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف ۾ وڃڻ سان روپئي جي قدر گهٽ ٿي. معيشت جڏهن وڌندي آهي ته قرضن ۾ اضافو ٿيندو آهي. روپي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب قرضن ۾ اضافو ٿيو. هاڻ قرض 39 هزار 900 ارب تائين پهچي چڪا آهن. 2018 ۾ قرض 25 هزار 290 ارب روپيه هئا. 2020 ۾ قرضن جي جي ڊي پي شرح 85.7 سيڪڙو هئي ۽ 2021 ۾ اهي 81.1 سيڪڙو ٿي ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام غريب عوام جو پروگرام آهي ان جي لاءِ آءِ ايم ايف راضپو ڏيکاريو آهي. ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ اهڙو ڪجهه ناهي جو آءِ ايم ايف راضي نه ٿئي. ڪامياب پاڪستان پروگرام گذريل مهيني ۾ شروع ڪرڻو هو، آءِ ايم ايف جي راضي نه ٿيڻ سبب پروگرام شروع نه ٿي سگهيو هو، هاڻ هن هلندڙ مهيني ئي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.