ملير: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پاران ريڙهي ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ جو افتتاح

پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران ريڙهي ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو، وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد،  ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ايم پي اي سليم بلوچ، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ايم پي اي شاهينا شير علي، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي حقيقي عوامي پارٽي آهي، جنهن غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سدائين عوام جا مسئلا حل ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته ريڙهي ڳوٺ جي عوام جي پاڻي جي مسئلي کي ڏسندي آر او پلانٽ جو افتتاح ڪري پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته مسلم هينڊ جي تعاون سان لڳايل پلانٽ مان 35 هزار گيلن پاڻي روزاني جي بنياد تي آبادي کي فراهم ڪري سگهجي ٿو جنهن سان 5 هزار گهر ۽ 35 هزار ماڻهو هن پلانٽ مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.