پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي تجويز رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پارليامينٽ ميمبرن جي بنيادي پگهارن ۾ ايڊهاڪ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.

ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته معيشت تي بار کي ڏسندي پگهارون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي 10 سيڪڙو الائونس ۾ واڌ کي رد ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته هيوي وهيڪلز ۾ ڪسٽم ديوٽي هٽائي وئي آهي، جنهن سان قيمتون گهٽ ٿينديون، هزار سي سي جي گاڏين جي پارٽس تي ڊيوٽي گهٽ ڪئي آهي، جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.

سندس چوڻ هو ته ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ تبديليون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ ان تي ڊگهي مشاورت ٿي آهي، ڪرمنل لا ريفارمرز تي ڊگهي بريفنگ به ڏني وئي آهي، وزيراعظم جي ايجنڊا آهي ته قانون کي پاڪستان ۾ بهتر ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.