اطلاعات کاتي نوابشاهه جو آفيسر جيل مان آزاد، انصاف جي گهر

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھ پوليس با اثرن جي مبينہ ونگار وھندي اطلاعات کاتي جي آفيسر نظام الدين ڀنڀرو کي عمر ڪوٽ ۾ ڊيوٽي دوران رات جو 2 وڳي ھلان ڪري کيس مبينہ اغوا جي ڪوڙي ڪيس ۾ حراست ۾ ورتو ويو ھُيو  جنھن بعد کيس نوابشاھ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيد ڪيو ويو 3 ڏينھن گذرڻ بعد اڄ (گذريل ڏينھن) نظام الدين ڀنڀرو کي آزاد ڪيو ويو نظام الدين ڀنڀرو آزاد ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مونکي بي گناھ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو جنھن جي مان مذمت ڪيان ٿو ۽ مونکي افسوس آھي مان ھڪ سرڪاري آفيسر آھيان جيڪڏھن مون جھڙي آفيسر کي ان طريقي سان ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي سگھجي ٿو تہ عام مسڪين ماڻھو جو ڪھڙو حشر ھوندو ھن چيو تہ جنھن ڪيس ۾ مونکي گرفتار ڪيو ويو اھو ڪيس پوليس پاڻ ئي 497 جي ڪاروائي ڪري ڪوڙي ڪيس جي تصديق ڪري ڇڏي ھن چيو تہ مان چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيان ٿو تہ مون خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندڙ ۽ مونکي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.