رئيس امير بخش بوزدار جي دستاربندي تقريب

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) سيوهڻ جي ڳوٺ بنگل خان بوزدار ۾ رئيس امير بخش بوزدار کي بوزدار برادري جو نيڪ مرد مقرر ڪرڻ ۽ دستاربندي جي تقريب ٿي، جنهن ۾ قبيلي جي چيف سردار قادر بخش بوزدار خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٽن وڏين درگاهن جي سجاده نشين ايم پي اي پير سيد صالح شاهه جيلاني، شاهاڻي برادري جي سردار بلاخان شاهاڻي، سردار حاڪم خان نوحاڻي، سيد شهنشاهه جيلاني، سيد احمد شاهه جيلاني، سردار عظيم خان جنگواني، باجاري برادري جي نيڪ مرد عمير طارق خان باجاري ۽ ٻين اهم سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي، چيف سردار قادر بخش بوزدار اعلان ڪيو ته رئيس امير بخش کي مسواڻي بوزدارن جو نيڪ مرد مقرر ڪري اميد ڪريان ٿو ته سندس ڀرپور حمايت ڪئي، ويندي، سڄي سنڌ ۾ بوزدار برادري جا 45 کان وڌيڪ پاڙا موجود آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.