مانجهند جا ڪيترا ئي اسڪول بند،ٻارڙن جي تعليم تباهه، عملدار وري آفيسن مان غائب  

مانجهند ) ن ع آ) مانجهند تعلقي جي پرائمري ميل ۽ في ميل ۽ سيڪنڊري جا تعلقه ايجوڪيشن آفيسر وڏي عرصي کان آفيسن مان غائب ٿيڻ سبب تعلقي جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي ڳوٺ مير محمد کوسو لڪي شاه صدر راڄڙي سميت ڪيترئي نياڻين جا اسڪول وڏي عرصي کان بند هئڻ سبب نياڻيون جديد دور ۾ به تعليم جهڙي زيور کان محروم آھن ميان داد کوسو  خير محمد ٿيٻو حبيب الله موڙ سميت بوائز پرائمري اسڪولن ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ سبب بند پيل آھن گرلس مڊل اسڪول علي بخش تنگهياڻي ڪيمپس اسڪول به بنا استاد جي هلڻ لڳو جڏھن ت ايس ايم بجيٽ به خرچ ڏيکاري وئي تعلقي جي ڪيترن ئي اسڪولن کي اڌورا نصابي ڪتاب ملي سگهيا آھن آفيسر غائب هئڻ سبب اسڪولن جي بنيادي مسئلن واٽر ڪولر فرنيچر باٿ رومن جي لاء لک پڙھ نه ٿي سگهي آفيسر نه هئڻ سبب استادن  لوئر اسٽاف سميت ملازمن کي سروس بوڪن سميت مختلف مسئلن لاء دربدر ٿئڻو پوي ٿي هتان جي ساڃاه وندن لياقت علي ملاح راجا حيدر ٿيٻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ت تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميل في ميل ۽ سيڪنڊري کي پابند ڪري تعليم شروع ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.