قمبر عدالت ۾ قتل جو ڏوهه ثابت، جوابدار کي ڦاهي جي سزا

قمبرڊر(ن ع آ)  قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار زاهد حسين ڪوري کي ڦاهي ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جوابدار 5 مهينا اڳ نصيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان مسمات نازيه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو مقتول جي والد جي فرياد تي نصيرآباد ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ جوابدار کي ڦاهي ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي سزا ٻڌايل قيدي کي سينٽرل جيل لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.