کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو آزاد نه ٿيو، فريد آباد ۾ وارثن جو احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد  واسي ظفر چانڊيو جي گمشدگي خلاف وارثن ذاڪر حسين چانڊيو  ، علي چانڊيو ،  صدام حسين چانڊيو  ۽ ٻين 263  ڏينهن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي ـ ھنن چيو ته ظفر چانڊيو  کي 17 مھينا ٿي ويا آهن گم آهي سندس جا گھر ڀاتي روئي روئي حال ھيڻا ڪري ڇڏيا آهن ـ گھر جا ڀاتي سخت پريشان آهن ـ ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون اسان جي دانهن ڪير ٻڌڻ وارو ناھي ـ ھنن اعليٰ اختارين کي اپيل ڪئي ته ظفر چانڊيو  کي ظاھر ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.