مبارڪپور لڳ عورت تي ڪارنهن الزام، تحفظ لاءِ ٿاڻي پهتي

مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ويجهو دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزيز الله گولو جي رهواسڻ  مسمات جميلا زال مقيم  گولو  دلمراد ٿاڻي تي  تحفظ لاءِ پهتي جتي  عورت دانهيندي چيو ته مڙس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي مارڻ ٿو چاهي، پاڻ بچائي ٿاڻي پهتي آهيان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ،دلمراد ٿاڻي جو ايس ايڇ او ٿاڻي پهتل ناري کي کڻائي جيڪب آباد جي سول ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو جتي ناري جي بيان تي ڪورٽ سڳوري کيس پنهنجي  پيءُ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.