گهوٽڪي مان 2 ناريون مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاج

گهوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي جي قادريه فيڪٽري ويجهو محله شاھ شهيد پير واري علائقي مان ٻه جوان ناريون اقصا ۽ نوال پراسرار نموني گم ٿي ويون، وارثن جو احتجاج ، خبرموجب گهوٽڪي مان 2 ناريون مبينا طور اغوا ٿي  ويون، واقعي جو 7 ڄڻن مٿان ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ شهر جي قادريه فيڪٽري محلي واسي يحيٰ شاهاڻي، بابو شاهاڻي، منير احمد شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي ٿاڻي آڏو اغوا ٿيل نارين اقصيٰ شاھاڻي ۽ نوال شاهاڻي جي بازيابي ۽ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو. شاهاڻي برادري جي ماڻهن جي احتجاج بعد گهوٽڪي پوليس نارين کي اغوا ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. ناري اقصيٰ شاهاڻي جي والد يحيٰ شاهاڻي جي فرياد تي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدار صدرالدين مهر، ڪامران مهر، جنيد مهر، ذيشان مهر، عدنان مهر ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ٻن نارين اقصيٰ شاهاڻي ۽ نوال شاهاڻي کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن گهر تي ڪاهه ڪري ٻن نارين اقصيٰ شاهاڻي ۽ نوال شاهاڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گهرن تي ڇاپو هنيو آھي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جلد ٻنهي نارين اقصيٰ ۽ نوال شاھاڻي کي بازياب ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.