بئنڪ لاڪرز ۾ نقلي زيور رکڻ واري ڪيس جي رپورٽ پيش

ڪراچي (رپورٽر) عدالتي بئنڪ لاڪرز مان سون جي زيورن کي بدلي ڪري نقلي زيور رکڻ  واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر پنهنجي جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي .عدالت پوليس چالان رد ڪندي ٻيهر چاج آفيسر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،  عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22سٽمپبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

ملير جي حاجي پير شاهه سميت ڳوٺن تي قبضي خلاف درخواست منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير ۾ حاجي پير  شاهه سميت ڳوٺ جي زمين تي قبضي ڪرڻ جي خلاف درخواست فوري ٻڌڻي جي لاءِ منظورڪندي 12اڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار سيده شيرين ڪجهه تصويرن کي به عدالت ۾ جمع ڪرايون آهن، عدالت اسٽي آرڊ جاري ڪيو آهي ان جي باوجود بااثر ماڻهو قبضو ڪري رهيا آهن، جنهن گڏ ڪجهه ايم پي ايز به شامل آهن .هن جو چوڻ آهي ته قبرستان جو بهانو ڪري قبضو ڪري رهيا آهن جڏهن قبرستان ڳوٺ ۾ موجود آهي .

اي ٽي سي ۾ ڏوهه ثابت، جوابدار کي 2 سالن جي قيد

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت بارود رکڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ٽابت ٿيڻ تي جوابدار محمد رضوان کي ٻه سال جي قيد جي سزا ٻڌئي چڏي آهي. جوابدار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي .جوابدار جي خلاف ملير سٽي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي .جوابدار کان هينڊ گرنيڊ مليو هو .

صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه ۾ ڀرتين لاءِ ٽيسٽ، وي سي ۽ ٻيا موجود

ڀٽ شاھ (رپورٽ: ارشاد علي ٻگھيو)  يونيورسٽي آف  صوفي  ازم  ائنڊ  ماڊرن  سائنسز  ڀٽ شاھ طرفان، ليڪچرارن ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن جي خالي پيل جڳهن لاءِ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  ريڪروٽمينٽ ٽيسٽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿي گذري. ان سلسلي ۾ صوفي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر پروين منشي چيو ته ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ مدد لاءِ آءِ بي اي يونيورسٽي، سکر جا شڪر گذار آهيون. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ملڪ جي پهرين يونيورسٽي  آهي جيڪا ڀٽ شاھ  جهڙي ننڍڙي شهر ۾ قائم آهي،ان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون اعليٰ صلاحيتون رکندڙ تعليم يافته ماڻهن جي  دلچسپي خوش آئند آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.