ڊائو جي ڊائريڪٽر جي مقرري خلاف درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊائو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ هيلٿ جي ڊائريڪٽر جي مقرري جي لاءِ معاملي تي ڊاڪٽر اظهار حسين جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي اهي. درخواستگذار ڊاڪٽر اظهار حسين  جي 70سال کان وڌيڪ عمر کي چيلينچ ڪيو آهي، ڊائو يونيورسٽي جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر اظهار حسين ان عهدي جي لاءِ سينئر ترين آهي. فارميسي جي شعبي ۾ ان جي مهارت ٻين اميدوارن کان وڌيڪ آهي. عدالتن به لاڳاپيل شعبي ۾ مهارت جي صورت ۾ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني آهي .

چيڪ بائونس ڪيس، شهزاد نسيم جا وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ڇيڪ بائونس جي  حوالي سان ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عدالت شهزاد نسيم جي خلاف ريڊوارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت چيو ته جوابدارکي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي .جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهزاد نسيم هن مهل سنگارپور ۾ آهي .عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته عدالتي حڪم هاءِ ڪميشن کي موڪليو وڃي .جوابدار صديق سنز جي هڪ ارب رپين جا ٻه چيڪ ڏنا جيڪي بائونس ٿي ويا هئا .

اي ٽي ايم مشينن مان پئسا ڪڍڻ ۽ فراڊ جي جوابدار جو جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت اي ٽي ايم مشينن مان پئسا ڪڍڻ ۽ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 8

عوام کان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سيد آفتاب علي شاهه کي 3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .گرفتارجوابدار جي قبضي مان غير قانوني پستول ،مختلف بئنڪن جا 17 اي ٽي ايم ڪارڊ به مليا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.