ملڪ ٽوڙڻ جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ آهي،اهي سياست ۾ مداخلت بند ڪن، : نواز شريف

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاڪستان جي عوام، سياسي پارٽين، صحافين سميت هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن  تي زور ڀريو آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ خلاف ميدان ۾ اچن، لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ٺهندي ئي اسٽيبلشمينٽ ملڪي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي.جيسيتائين اها مداخلت بند نه ٿيندي تيسيتائين ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته فوج جي موجودقيادت سان منهنجو ڪوبه ذاتي جهيڙو نه آهي، آئون صرف اهو چاهيان ٿو ته سياست ۽ حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت بند ڪئي وڃي.آئين جي دائري ۾ رهي سڀني ادارن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.اليڪشن چوري نه ڪئي وڃي ۽ ووٽ کي عزت ڏني وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ نوازشريف جڏهن وقت ايندو ته آئون پاڪستان واپس ضرور ويندس.افغانستان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته ڇا اهو ضروري آهي ته پاڪستان هر معاملي ۾ مداخلت ڪري. ڇا افغانستان کي اهو حق ناهي ته هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري، اسين ڇو ٻڌايو ته هي ڪريو هي نه. نواز شريف چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني ڀارت مان خوش آهن ۽ پاڪستان سان ناراض. نواز شريف چيو ته منهنجو بيانيو 1999ع وارو ساڳيو اهي، ان بيانيي تي اڄ به قائم آهيان ۽ ان کي منطقي انجام تي پهچائيندس.نواز شريف عدالت پاران نااهل قرار ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ان فيصلي سان اهو واضح ٿي ويو ته عدالتن کان ڪير فيصلا ڪرائي ٿو، ڪوڙن ڪيسن ۾ نااهل ڪرايو ويو، هاڻي اهو فيصلو واپس ٿيڻ گهرجي. نواز شريف اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جو الزام به اسٽيبلشمينٽ تي لڳائيندي چيو ته مجيب الرحمان جا 6 نقطا ملڪ دشمن نه هئا، اسان پاڻ بنگالين کي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو. نواز شريف رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا سميت انهن سمورن کان رسيدون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو جن ڪروڙين ڊالرن جون ملڪيتون ٺاهيون آهن.نوازشريف ميديا تي امڪاني پابندين جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا اٿارٽي بل سان سڀني جو آواز بند ڪيو پيو وڃي پر اسين ڪنڌ نه جهڪائينداسين.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.