چين، پاڪستان ۽ قطر افغانستان جي مالي امداد لاءِ سڀ کان اڳتي

ماسڪو (م ڊ) اولهه جا ملڪ جتي طالبان حڪومت کي مالي امداد ڏيڻ جي باري ۾ هيل تائين ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيا اتي چين  ۽ پاڪستان افغانستان جي مالي امداد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته روس افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،ٻئي طرف گڏيل قومن بين الاقوامي برادري کان افغانستان جي لاءِ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته افغان عوام کي ڊسمبر تائين 606 ملين ڊالر امداد جي ضرورت آهي، جنگ سٽيل افغانستان ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي، لکين ماڻهو غربت جو شڪار آهن پر آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ طالبان کي تيستائين امداد نٿا ڏيڻ چاهين جيستائين اهي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي فراهمي جي خاطري نٿا ڪرائن، افغانستان جا 10 ارب ڊالر جا غيرملڪي اثاثا به ٻاهرين ملڪ منجمد آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.