وزيراعظم جي چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ سهڪار جي خاطري

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

وزيراعظم هائوس طرفان سوشل ميڊي تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان سان چيني ڪپنين جي سربراهن جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو.

پڌرائي موجب وفاقي وزير حماد اظهر، شوڪت ترين، اسد عمر ۽ عبدالرزاق دائون سميت ٻيا به ملاقات ۾ موجود هئا.

حڪومتي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني وفد پاڪستان جي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاليسين کي ساراهيو ۽ سيڙپڪاري لاءِ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ”ايز آف ڊوئنگ بزنس“ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن کي مراعتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ انتظامي معاملن کي سولو بڻايو پيو وڃي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ چيني وفد کي ماهوار اجلاس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان چين سان صعنتي شعبن جي ترقي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو، چيني سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ افرادي قوت هنر سکندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي سطح واري صعنت جي ترقي جا وڏا موقعا موجود آهن، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي صنعت ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.