ڪرمپور لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 5 زخمي

ڪرمپور ( ن ع آ ) ڪرمپور شهر ڀرسان بيگاري محلي واسي عبدالطيف شيخ ۽ علي گوهر شيخ ڌرين ۾ جڳهه جي ڳالهه تان جهيڙو سوٽا ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا اياز يخ، اسرار شيخ، نويد شيخ، مسمات بشيران ۽ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وارثن زخمين کي کڻائي ڪرمپور ٿاڻي تي آندو، پوليس پاران زخمين کي ليٽر ڏيئي علاج لاءِ مختلف اسپتالن موڪليو ويو، جهيڙيندڙ ڌريون عبدالطيف شيخ ۽ علي گوهر شيخ پاڻ ۾ ڀائر آهن، ٻئي طرف ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان اين سيز داخل ڪرائي ورتيون, گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.