ٺٽي جو فٽبالر ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي

ٺٽو(ڊ ر) حيسڪو انتظاميہ جي نااھلي سبب مڪلي جو رھواسي فٽبال رانديگر ايمل خان مشتاق خشڪ گرائونڊ جي وچ ۾ لڳل بجلي جي کنڀي سان ٽڪرائجي پيو،  جيڪو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنھن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٺٽي جي فٽبال رانديگرن نقاش بروھي، مجتبيٰ خشڪ، فخر انڙ ظھير خٽڪ ۽ ٻين چيو آھي تہ اسان ڪيترائي دفعا انتظاميہ کي شڪايتون ڪيون پر ڪو بہ تدارڪ نہ ڪيو ويو آھي، بجلي جو پول وچ گرائونڊ ۾ لڳل ھجڻ سبب راند دوران رانديگرن کي سخت پريشاني  منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.اڄ بہ ھي واقعو پيش آيو آھي جنھن ۾ ايمل خان زخمي ٿي پيو آھي. ھڪ تہ رانديگرن کي انتظامي طور تي ڪي بہ سھولتون مھيا نٿيون ڪيون وڃن ٻيو پنھنجي مدد پاڻ تحت صحتمند سرگرميون ڪرائي رھيا آھيون جنھن ۾ ھن قسم جي پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. ھنن ڊي سي ٺٽو کان مطالبو ڪندي چيو آھي تہ مشتاق خشڪ فٽبال گرائونڊ ۾ لڳل بجلي جو پول اتان کان ڪڍرائي ڪنھن ٻي جڳھ تي لڳرائي رانديگرن جون زندگيون بچائڻ سان گڏ گھربل سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

ڊگهڙي ويجهو رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

ڊگھڙي (ن ع آ) موٽرساءيڪل سوار   ڪيول ولد ويرجي ڪولھي  شنپا  ڪولھي   چندر ڪولھي   زخمي ٿي پيا جنهن کي  سول اسپتال ڊگھڙي  آندو ويو جتي ڊاڪٽرن طرفان طبعي امداد پڻ ڏني ويءي  جڏهن ضلعي بدين   ڳوٺ ڄام پتافي جا رھواسين آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.