شڪارپور ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،ماءُ فوت، پٽ زخمي

شڪارپور ( ڊ . ر) شڪارپور ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر، ماءٌ فوت، پٽ زخمي، ٽرالر ڊرائيور فرار، ٽرالر تحويل ۾ ، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. تفصيل موجب : ڪالھ شڪارپور جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد باءِ پس تي تيز رفتار شڪارپور کان سکر ويندڙ ٽرالر سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مسمات امام زادي زال شوڪت شيخ ۽ جڏهن ته الله ڏنو ولد شوڪت شيخ روڊ تي ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ مسمات امام زادي زال شوڪت شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي ۽ الله ڏنو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال پهچايو، ٻڌايو پيو وڃي ته خانپور جي ويجهو پنهنجي ڳوٺ کان الله ڏنو پنهنجي ماءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي شڪارپور شهر طرف اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، ٻئي طرف ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.