سنڌ جا قدرتي وسيلا ۽ مقامي ماڻهن جي حق تلفي جي ڪٿا

تحريري؛ بابل لطيف کوسوا

ڪجهه ورهين کان ڄامشوري ضلعي جي تعلقي مانجهند ۾ يو اي پي (يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان) نالي ڪمپني گئس تي ڪم رهي آهي. علائقي ۾ ان ڪمپني جي اچڻ سان مقامي ماڻھن ۾ هڪڙي اميد جاڳي هئي ته سمورا نوجوان روزگار سان لڳي ويندا، علائقي ۾ خوشحالي ايندي ترقياتي ڪم ٿيندا ۽ علائقو گئس ٻارڻ جهڙي نعمت سان نوازجي ويندو. پر ٿوري ئي وقت اندر گئس ڪمپني اهڙو ته جابراڻو ۽ آمراڻو رويو اختيار ڪيو ڄڻ ته مقامي ماڻھن جي اميدن تي پاڻي ڦيرجي ويو. علائقي جي نوجوانن ۾ مايوسي جي لھر ڇانئجي وئي.

ڇاڪاڻ يو اي پي گئس ڪمپني جهڙي اداري ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري. غير مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ ترجيح ڏني وئي. ڌرتي ڌڻين سان سخت بيواجبيون ڪري، ڪنهن به قِسم جو معاضو نه ڏيڻ ۽ ذهني نفسياتي ٽارچر ڪرڻ زمين جي مالڪن تي ڪيس ڪري جيل موڪلڻ جهڙا ڪارناما ڪمپني طرفان مقامي ماڻهن سان ٿيندا رهيا آهن.

انصاف جي تقاضا ته ڏسو ان سموري ظلم جو ڪنهن به چونڊيل نمائيندي نوٽيس نه ورتو، وڏي ڳالهه ته اهي معدني وسيلا مظلوم ماڻهن جي ڌرتي جي سيني مان نڪرندا آهن ۽ انھن مظلوم ماڻهن کي ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين سميت سمورن شين تي حقِ حاڪميت ته ٺھيو پر ننڍڙو ملازم ٿي ڪري رهڻ جو به حق نه هجي، ۽ اهو سمورو حق صرف ڌارين حوالي هجي. ڌرتي جو ڌڻي نوجوان ڊگريون کڻي در در تي ڀٽڪندو وتي ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري ته سندس خاندان ۽ ماءٌ پيءُ تي ڇا گذرندي جن پنهنجا پيٽ کاٽي تعليم جو ڳاٽي ٽوڙ خرچ برداشت صرف ان اميد تي ڪيو هوندو ته هڪ هو  پڙهي لکي ڊگري حاصل ڪري پنهنجا پيارن جا خواب سچ ڪندو. پر اسان جي سرڪار ۽ ادارا اهڙي ڪٽنب کي سواءِ مايوسين ۽ لڙڪن جي ڪجهه ناهن ڏئي سگهندا.

اهڙو ئي ظلم يو اي پي گئس ڪمپني سان گڏ تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل آفيسر مانجهند جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان ڪري رهيا آهن، اهڙو رويو ڏسي آخرڪار مقامي ماڻهو بيزار ۽ بيدار ٿي پيا سموري علائقي جي ساڃاھ وندن گڏ ٿي ظلم خلاف للڪار بڻجڻ جو فيصلو ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پيا. قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي نالي هڪ فورم جوڙي ان جون واڳون علائقي جي باشعور نوجوانن سياسي سماجي اڳواڻن جي هٿ ۾ ڏنيون. جدوجهد ڪميٽي. گئس ڪمپني انتظاميا خلاف جدوجهد هلائڻ جو فيصلو ڪيو، پهرين مرحلي ۾ ڪمپني جي مين گيٽ سامهون ٻه وڏا ڌرڻا لڳا جن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي،

ڪمپني عوامي طاقت جي سامهون گوڏي کوڙي ڳالهين لاءِ راضي ٿي جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن ڪمپني انتظاميا ۽ ڊي سي ڄامشوري جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، انتظاميا مقامي ماڻهن جي جدوجهد کي حق بجانب سمجهي معاهدو ڪيو ته 20 ڏينهنُ جي اندر گئس ڪمپني جي آس پاس وارن سمورن علائقن جي سروي ڪري ڪجهه ڪلو ميٽرن جي اندر مقامي ڳوٺن کي گئس جي سهولت مھيا ڪندا. تعلقي جي سمورن پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار ڏينداسين ۽ سوشل فنڊ جي رقم سموري علائقي تي خرچ ڪنداسين. ان معاهدي وسيلي ڪمپني احتجاجي ڌرڻو به ختم ڪرايو هو.

افسوس ڪمپني توڙي ڊي سي ڄامشورو ڪيل واعدي ۽ ٿيل معاهدي تي ڪابه پيش قدمي ڪانه ڏيکاري، واعدن جي خلاف ورزي ۽ انحرافي ڪرڻ تي مقامي ماڻھن قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي جي پليٽفارم تان هڪ دفعو ٻيهر جدوجهد جو فيصلو ڪيو، جدوجهد جي ٻي مرحلي جي شروعات ۾ تڪ جي سمورن چونڊيل نمائيندن سي ايم سنڌ. ايم اين اي ۽ ايم اپي ايز کي يادداشت نامن طور خط لکيا ويا، تعلقي جي هر شھر ڳوٺ اسٽاپ تي انوکا احتجاجي مظاهرا ڌرڻا هنيا ويا، پر افسوس ڪمپني انتظاميا ڊي سي ڄامشوري ۽ چونڊيل نمائيندن جي ڪن تي ڪا جونءَ نه سُري. نيٺ مجبور ٿي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ٽن کان چارڪلاڪن تائين جاري ڌرڻي ۾ ڪمپني انتظاميا ڊي سي ۽ چونڊيل نمائيندن سميت ڪوبه عملدار مظاهرو ڪندڙن وٽ ٻه قدم ڀري نه پهتو. عوام جي گڏيل مفادن لاءِ ٿيندڙ احتجاجن کي اهميت نه ڏيندڙ. حڪمرانن خلاف ان وقت ماڻهن جي زبان تي ڪنهن شاعر جون هي سٽون هيون.

نااهل اسان جو مالهي آ، هن منهنجي چمن جو ڇا ٿيندو.

بد زوڪ جي هٿ ۾ باغ رهيو، معصومڙن جو ڇا ٿيندو.

هي ڪٿان جو انصاف آهي جو سنڌ مان نڪرندڙ تيل ڪوئلو پئٽرول گئس سمنڊ ۽ ٻين پيداواري وسيلن تي ڌاريو ماڻهو قابض هجي ۽ سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺندڙ مقامي وڏيرو انھن سان ڀاڱي ڀائيوار هجي، سنڌين جي مينڊيٽ کي وڪڻي. سنڌين سان ٿيندڙ زيادتي تي ٻه لفظ نه ڳالهائجن. عوام کي ٺلھن آسرن دلاسن ۾ رکي. ٻي پاسي وري مظلوم ڏتڙيل ڏيهه واسي ڏاڍ ڏمر ڏھڪاءُ هيٺ زندگي  گذاريندا هجن انهن کي انسان ئي نه سمجهيو وڃي.

انھن سوالن تي سنڌ واسين کي غور ويچار ڪرڻ کپي. پاڻ موٽي اچون ٿا پنهنجي اصل موضوع يو اي پي گئس ڪمپني جي زيادتين تي ته مقامي ماڻهن جي آواز تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ ڌارين لاءِ ترقي جا در کولي ڇڏڻ. بدلي ۾ مقامي ماڻهن جو ردعمل ڏيکارڻ هڪ فطري عمل آهي. اهڙي ريت قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي هڪ دفعو ٻيھر 14 سيپٽمبر تي يو اي پي گئس ڪمپني خلاف ڊي سي ڄامشورو جي آفيس سامهون ڌرڻي هڻڻ جواعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ هنن علائقي ۾ رابطا تيزڪري ڇڏيا تعلقي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون. ڪيون آهن جدوجهد ڪميٽي جا اڳواڻ پر اميد آهن ته عوام جي ڀلائي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ۽ پنهنجي مقصد کي پايه تڪميل تي پھچائينداسين.!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.