صدر جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي اڄ خطاب، دعوتناما جاري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ سومر ڏينهن شام 4 وڳي ٿيندو. پارليامينٽ جي ان گڏيل اجلاس کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي پڻ ڪئي وئي. اڳ ۾ اهو اجلاس صبح 11 وڳي ٿيڻو هو جڏهن ته صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي آئين جي آرٽيڪل 54 ۽ 56 ۾ ڏنل اختيارن تحت ڪئي آهي. صدر جي خطاب سان موجوده قومي اسيمبلي جو چوٿون پارلياماني سال شروع ٿي ويندو. ان اجلاس جي حوالي سان خاص انتظام ڪيا ويا آهن،قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جا دعوتناما جاري ڪري ڇڏيا آهن، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ صدر مملڪت عارف علوي خطاب ڪندو، چئني صوبائي گورنرن، وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم، وڏي وزير ۽ گورنر گلگت بلتستان کي دعوتناما جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪرن کي به دعوت ڏني وئي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر، آڊيٽر جنرل سميت آئيني ادارن جي سربراهن ۽ وفاقي سيڪريٽرين کي به ڪوٺ ڏني وئي، دعوتنامو هٿياربند فوج جي سربراهن، سفيرن ۽ ميڊيا نمائندن کي به جاري ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.