اوٻاوڙو ڀرسان شڪارين نينگر ماري وڌو

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حسو ڊهو ۾ هڪ شڪاري فداحسين سولنگي تلاءُ تي شڪار ڪري رهيو هو ته هن پکين کي مارڻ لاءِ بندوق جو فائر ڪيو  جيڪو ٻوڙي جي رهواسي 12 ورهين جي ڌنار نينگر ظفر علي سولنگي کي لڳو،  ٻارڙو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ۽ لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو هوڏانهن اسپتال ۾ نينگر جي چاچي ٻنو سولنگي ٻڌايو ته نينگر جو پي ڪراچي مزدوري تي ويل آهي نينگر مال چاري رهيو هو ته اسان جي برادري سان واسطو رکندڙ فداحسين سولنگي، مشتاق احمد سولنگي، خدا بخش سولنگي وارا شڪار ڪري رهيا هئا، جنهن اسان جي نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي اسان جي اعليٰ آفيسرن کي اپيل آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او اوٻاوڙو چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون وارثن کي انصاف ملندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.