اوٻاوڙو، شهداڪوٽ ۽ ڄامشورو جون خبرون

اوٻاوڙو: شڪارين جي اتفاقي گولي لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو

شهدادڪوٽ: غير معياري کير جي وڪري خلاف ايس يو پي جو ڌرڻو

ڄامشورو: پ پ شهيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل سان انصاف نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال

اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حسو ڊهو ۾شڪارين جي گولي لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو.

فداحسين سولنگي تلاء تي پکين جو شڪار ڪري رهيو هو جنهن جي گولي لڳڻ سبب 12 سالا ورهين جو ڌنار  نينگر ظفر علي سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي لاش کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو .

فوتي نينگر جي چاچي ٻنو فداحسين، مشتاق احمد ۽   خدا بخش سولنگي شڪار ڪري رهيا هئا جن جي گولي لڳڻ سبب نينگر فوت ٿيو آهي، اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته انصاف ڪيو وڃي.

ٻي پاسي ايس ايڇ او اوٻاوڙو ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

 

شھدادڪوٽ ۾ غير معياري ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ شھرين پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

شهرين رستم سومرو, پير بخش ڀٽي, حاڪم مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي اڳواڻ جو چوڻ هو ته شھر  ۾ سرعام غيرمعياري  ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿي رھيو آهي پر انتظاميا گھري ننڊ ستل آهي.

ھنن چيو ته ڪيميڪل وارو کير واپرائڻ سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن شڪايتون ڪرڻ باوجود به انتظاميا ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري رهي.

احتجاج ڪندڙن ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته زهريلو کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انساني جانيو بچايون وڃن.

 

ڄامشورو ۾پ پ شهيد ڀٽو پاران  مير مرتضي’ ڀٽو جي قتل سان انصاف نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

پ پ شهيد ڀٽو پاران حاڪم ملاح ۽ اورنگزيب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج مظاهرو ڪري ڄامشورو پل هيٺان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد مير مرتضي’ ڀٽو قتل ڪيس کي 25 سال گذري چڪا آهن پر هن وقت  تائين انصاف ناهي ٿي سگهيو.

هنن مطالبو ڪيو  ته مير مرتضي’ ڀٽو جو قتل ڪيس ٻيهر هلائي  قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.