مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا روانو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر نجي دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو.

وڏو وزير ڪراچي ايئرپورٽ تان نجي ايئر لائن جي اڏام اي ڪي 603 ذريعي آمريڪا روانو ٿيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سيد مراد علي شاهه آمريڪا ۾ هڪ هفتو ترسندو، جتي هو ڪارڪنن ۽ اختيارين سان اهم ملاقاتون ڪندو.

ذريعن موجب مراد علي شاهه جو ٽن مهينن دوران اهو آمريڪا جو ٽيون دورو آهي، ان کان اڳ هو جون ۽ جولاءِ ۾ به هڪ هڪ هفتي لاءِ نجي دوري تي آمريڪا وڃي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.