ڪنٽونمينٽ بورڊز چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل، نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جي ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن موجب هيل تائين 96 وارڊن ۾ تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوار 38-38 سيٽن تي ڪاميابي سان اڳتي آهن.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ 21 ۽ پ پ 9 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي چڪي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم 7، بي اي پي 2 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو هڪ اميدوار ڪامياب ٿيو آهي.

ڪنٽونمينٽ بورڊز جي 206 وارڊن ۾ جنرل ميمبر جون سيٽون کٽڻ لاءِ مجموعي طور تي هڪ هزار 513 اميدوار چونڊ وڙهي رهيا آهن.

پنجاب ۾ 19 ڪنٽونمينٽ جي 112 وارڊن ۾ 878 اميدوار، سنڌ ۾ 8 ڪنٽونمينٽ جي 53 وارڊن ۾ 418، ڪي پي ۾ 9 ڪنٽونمينٽ جي 33 وارڊن ۾ 170 ۽ بلوچستان ۾ 3 ڪنٽونمينٽ جي 8 وارڊن ۾ 47 اميدوار ميدان ۾ آهن.

پي ٽي آءِ چئني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ 178 اميدوار ميدان ۾ لاٿا آهن، ن ليگ ۽ پ پ ترتيب وار 140 ۽ 112 اميدوارن سان چونڊ ڊوڙ ۾ شامل آهن، جڏهن ته آزاد اميدوار، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) اميدوار به چونڊ وڙهي رهيا آهن.

انگن اکرن موجب والٽن ڪنٽونمينٽ جي 10 وارڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ 155 اميدوار ميدان ۾ آهن، ان کانپوءِ ترتيب وار لاهور ۽ گوجرانوالا ڪنٽونمينٽ ۾ 112 ۽ 95 اميدوار ميدان ۾ آهن.

سنڌ جي ڪلفٽن ۽ فيصل ڪنٽونمينٽ ۾ ترتيب وار 98 ۽ 88 اميدوار مقابلو وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ 73 اميدوار ميدان ۾ آهن.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن لاءِ پولنگ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي حڪومتن کي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڪئميرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته پريزائيڊنگ آفيسرن ڳڻپ کانپوءِ پولنگ اسٽيشنز تي نتيجن جو اعلان ڪندا، سمورا پولنگ ايجنٽ ۽ اميدوار نتيجي جي ڪاپي پريزائيڊنگ آفيسرن کان حاصل ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.