منهڙو ۾ بدامني، دڪان کي کاٽ، لکين رپين جو سامان چوري

منهڙو (ن ع آ)   منهڙو شهر چورن حوالي منهڙو پوليس گهري ننڍ ستل منھڙو شھر جي مين روڊ تان گذريل رات نامعلوم چور محمد فاروق آرائين  جي ريزڪي دوڪان جي ڇت پٽي دوڪان ۾ پيل روڪ رقم ۽ ٻيو لکين رپين جو قيمتي سامان کڻي آساني سان فرار ٿي ويا منهڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن پهريان به منهڙو شهر جي سومر شاھ ڪالوني مان امتياز چانڊيو ۽ استخار احمد آرائين ۽ منهڙو جي نجف شاھ ڪالوني مان عبدالغفور جمالي جون موٽرسائيڪلون پڻ چوري ٿيون هيون جن جي جاچ ۾ پڻ هن مهل تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي منهڙو پوليس علائقي جو امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام  متاثر دڪاندار فاروق آرائين ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کي پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سندس دڪان مان چوري ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان واپس ڪرائي ملوث چورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.