لعلورائنڪ ۾ڦر ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان زخمي، ٽائر ساڙي ڌرڻو

لعلورائنڪ( رپورٽر :بدرالدين مغيري)  لعلورائنڪ ۾ ڏوهاري سرگرم ٿي ويا ڦريون ڌاڙا چوريون روز جو معمول بڻجي ويون ڪو به رستي تان ويندڙ ماڻهو محفوظ ناهي رهيو، لعلورائنڪ ٿاڻي جي حد پوليس پڪٽ وٽ پيچوها موري تي  احسان علي پيچوهو  کان ڦورن هٿيارن جي  زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽر سائيڪل سوار مذاحمت ڪئي جنهن تي کيس ڌڪ ھڻي موبائيل فون ۽روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا  احسان علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  مان ڳوٺ وڃي رهيو هيس ته ڳوٺ ڀرسان ڪجهه ڦورن مون کان موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مان انهن سان مزاهمت ڪئي ته ڦورن مون کي يرغمال بڻائي مون تي تشدد ڪيو ان دوران مان تمام گهڻيون دانهون ڪيون پوليس سامهون سڏ پنڌ تي هئي ته به منهنجي مدد لاءِ نه آيا نيٺ ڦورن مون کان موبائيل فون ۽ ڪجهه رقم ڦر ڪري فرار  ٿي ويا ۽ پوليس وارا تماشو ڏسندا رهيا ۽ اتان چرڻ جي به ذهمت نه ڪئي. ان سلسلي ۾ اڄ صبح جو پيچوها برادري طرفان واره لاڙڪاڻو مک روڊ بند ڪري بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته لعلورائنڪ پوليس چورن جي سهولت ڪار آهي تڏهن پوليس جي اڳيان انهن جي موجودگي ۾ ڏوھ پيا ٿين.  هن آئ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ڦر ٿيل موبائل ۽ پئسا واپس ڪرايا وڃن نه ته اسين مجبورن احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين.  هوڏانهن وري متاثر ڌر طرفان کوجي ڪتو گهرايو ويو جيڪو لعلورائنڪ ڀرسان مراد علي مغيري جي ڳوٺ ۾ سفر مغيري جي اوطاق ۾ وڃي ويٺو.آخري اطلائن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي ۽ نه ئي وري ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.