سول اسپتال مڪلي جون 24 اي سيون چوري، جاچ جو حڪم

ٺٽو(ڊ ر) صحت کاتي ٺٽي کي سول اسپتال مڪلي جي نئين ايمرجنسي شعبي لاءِ مليل 24 اي سيون گم ٿيڻ جو انڪشاف، جاچ جو  حڪم. ان سلسلي ۾ انتھائي اھم ذريعن کان معلوم ٿيو آھي تہ سول اسپتال مڪلي ۾ قائم ڪيل نئين ايمرجنسي شعبي لاءِ اداري روٽري ڪلب پاران صحت کاتي ٺٽي جي انتظاميہ کي 24 اي سيون(ايئر ڪندڊيشن) ڏنيون ويون ھيون پر 4 مھينا گذري وڃڻ باوجود مليل اي سيون ايمرجنسي شعبي ۾ نہ لڳي سگھيون آھن، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي تہ صحت کاتي ٺٽي جي اختيارين ڳجھ ڳوھ ۾ اي سيون غائب ڪري ڇڏيون آھن. جڏھن تہ ٻئي پاسي کڙڪ پوڻ تي وزيراعليٰ سنڌ جي صوبائي خاص معاون صادق علي ميمڻ ڊي ايڇ او ٺٽو سان رابطو ڪري معاملي بابت جاچ جون ھدايتون جاري ڪندي جلد اي سيون ايمرجنسي شعبي ۾ لڳائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.