لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، ڏات ڌڻين پاران تخليق پيش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي پندرھن وار دستوري گڏجاڻي نامياري شاعر خاور قبولائي جي صدارت ھيٺ مقامي هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ استاد گل  دايو پنھنجي نڪور ڪھاڻي “سوري بابا”، شھمير سومرو “غزل” ۽ نويد ناز ڀٽي بنا تنقيد جي “چوسٽا” پيش ڪيا. جڏھن ته عيسيٰ ميمڻ، منظور آزاد شيخ، روشن ٽوٽاڻي ۽ ٻين تنقيدي راءِ ۾ حصو ورتو. استاد گل دايو جي ڪھاڻيءَ تي تنقيدي راءِ ڏيندي تخليقڪار عيسيٰ ميمڻ چيو ته ھيءَ ڪھاڻي ٻن جنريشنس تي محيط آھي، ڪھاڻي سٺو تاثر ڇڏي ٿي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڀرپور پيغام سمايل آھي. ھن چيو ته اسان جو نئون نسل مشين جو عادي ٿي ويو آھي، ھاڻي ھو جسماني رانديون کيڏڻ بدران ذھني راند کيڏڻ کي ترجيع ڏئي ٿو اھو ئي سبب آھي جو اڄ جي نوجوانن جسماني طور پاڻ کي ڪمزور ضرور ڪيو آھي پر ھنن ذھني آسودگي پڻ حاصل ڪئي آھي. مجموعي طور تي ھيء ڪامياب ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيء تي راءِ ڏيندي منظور آزاد شيخ چيو ته “پپجي” سڄي دنيا جي نوجوانن جي پسنديده راند آھي ان ڪري ھن دور جو ٻار اٽي- ڏڪر  نه پر مشيني راند کيڏڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. ھاڻي راندين جا ميدان به گھٽجي ويا آھن انھيءَ ڪري به نوجوانن “پپجي” جھڙين راندين کيڏڻ تي زور ڏنو آھي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونھي ته اسان موبائل جو صحيح استعمال ڪري نه سگھيا آھيون پر موبائل به انساني ذھن جو ئي ڪمال آھي ان جو درست استعمال ئي اسان کي فائدو ڏئي سگھي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ فنائتي نموني سان اھڙي قسم جو پيغام سمايل آھي جيڪو ڪھاڻيءَ کي ڪامياب ڪري ٿو. صحافي ۽ اديب روشن ٽوٽاڻي ڪھاڻيءَ تي راءِ ڏيندي چيو ته ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جي ٻولي شاندار آھي ۽ ڪردار نگاريءَ تي به سٺو توجه ڏنل آھي ڪھاڻيء مان نئين نسل ڏانھن بھتر پيغام وڃي ٿو. نوجوان شاعر شھمير سومري ڪھاڻيءَ تي رايو ڏيندي چيو ته اسان کي ڪا به تخليق پرکڻ لاء ڪنھن مھان ليکڪ جي راءِ کي سامھون رکي نه پر پرک جي ڪسوٽيءَ تي تخليق کي پرکڻ گھرجي. ھن ڪھاڻيءَ جون تشبيھون ۽ ٻولي پراڻي آھي، نئين تشبيھن سان پڙھندڙ متوجه ٿيندو آھي ڪھاڻيء ۾  ڊائلاگ به غور طلب آھن  پر سراسري طور تي بھتر ڪھاڻي آھي. صدارتي راءِ ۾ خاور قبولائيءَ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اھم ضرورت آھي. ھن جو صحيح استعمال ئي اسان کي فائدو ڏيندو پر ڪجھ نوجوانن ھن جو غلط استعمال ڪري پاڻ کي نقصان ڏنو آھي جنھن جي جي ڪري اسان جي سماج تي منفي اثر پيا آھن اھڙو ئي ڀرپور پيغام ڪھاڻيءَ مان ملي ٿو. شھمير سومري جي غزل تي عيسيٰ ميمڻ راءِ ڏيندي چيو ته غزل جو ھر ھڪ بند ڀرپور معنيٰ رکي ٿو. غزل جا استعارا ۽ تشبيھون جدت سان ڀرپور آھن. ھي ھڪ شاندار غزل آھي. ساڳي غزل تي منظور آزاد شيخ پنھنجي راءِ ڏيندي چيو ته غلام وٽ زنجير ٽوڙڻ کان سواءِ ٻي ڪابه طاقت کيس غلاميءَ مان نجات  ڏياري نٿي سگھي، غزل جي ھڪ بند ۾ شاعر اھڙي ڳالھ ڪري دليون کٽيون آھن. ھي ھڪ اتساهه ڏيندڙ غزل آھي. شاعر نويد ناز ڀٽي غزل تي راءِ ڏيندي چيو ته سمورو غزل شاعراڻي خوبين سان رچيل آھي. غزل جو ڪافيو ۽ رديف جديد تقاضائن موجب رکيل آھن ۽ غزل جي ھر ھڪ بند ۾ ھڪ ڀرپور ڪھاڻي سمايل آھي. آخر ۾ هن غزل تي صدارتي راءِ ڏيندي شاعر خاور قبولائي چيو ته ھي غزل فني ۽ فڪري حوالي سان ڪامياب غزل آھي پر ھڪ بند ۾ ڪافيو ڪجھ متضاد آھي انھي طرڦ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آھي. ھن غزل جو مقطع ڏاڍو لاجواب آھي. ان کان اڳ ڏوڪري کان آيل تخليقڪار  سارنگ ٻٽ ۽ امام بخش ٻٽ دير ٿيڻ سبب گڏجاڻي جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي واپس ھليا ويا.

احمد پور لڳ نينگري کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، اسپتال منتقل

احمدپور (ن ع آ) صدرجي ڀٽيون ۾ اسڪول ويندي نينگري کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، نينگري جي والد جو  احتجاج رپورٽ موجب احمدپور لڳ صدرجي ڀٽيون جي ڳوٺ ڄام خان بڙدي ۾ اسڪول ويندي 6 سالا نينگري روزينا کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو نينگري کي پيرجوڳوٺ اسپتال ويڪسين لاءِ نيو ويو ان موقعي تي نينگري جي والد ضمير بڙدي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ صاحب بڙدي نالي شخص جو پالتو ڪتو ڇتو ٿيل آهي جنھن اڳ به معصوم ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏاڙھي زخمي ڪيو آهي جنھن خلاف دانهون ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.