گهوٽڪي ۾ عورت جي پاڻ کي گاڏين هيٺ ڏيڻ جي ڪوشش

گهوٽڪي(ڊ ر)سرحد واسڻ 5 ٻارن جي ماء پيرسن عورت قومي شاھراھ تي گاڏين اڳيان اچي مبينھ طور تي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش دوران بي  ھوش ، ٿي وئي پوليس کڻائي اسپتال پھچايو ڊاڪٽرن ھوش ۾ آندو عورت جو چوڻ آھي تھ مڙس کان تنگ ٿي ھن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي …سرحد واسڻ شميم اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالھائندي ٻڌايو تھ ھن جو مڙس عارف ھن مٿان اجايا الزام ھڻندو ۽ تشدد ڪندو رھندو آھي ھن چيو تھ ھو اصل صادق آباد جي آھي ھن گھوٽڪي جي شھر سرحد ۾ عارف سان شادي ڪئي جنھن مان کيس 5 ٻارن جو اولاد آھي ھاڻي ھو ھر حوالي سان ذھني توڙي جسماني تشدد ڪندو رھندو اھي جنھن کان تنگ ٿي ھن روڊ تي اچي گاڏي اڳيان اچي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.