ڪوٽ لالو لڳ عورت سان مبينا لڄالٽ، احتجاج

فيض گنج (رپورٽ:امتياز شر)ڪوٽ لالو ٿاڻي حد ڳوٺ ڇتل خان شر ۾ شادي شده عورت  ثمينا خاتون سان  جوابدار ساجد شر گهر ۾  گهڙي زبردستي مبينا زيادتي ڪئي متاثر عورت مڙس ۽ سھري سميت ڪوٽ لالو ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي پوليس پاران عورت کي ميڊيڪل لاء ليٽر به نه مليو با اثرن پاران به متاثر ڌر کي خاموش رھڻ لاء دٻاء وڌيو ويو.  متاثر عورت ثمينه زال مينڌرو شر ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته جوابدار ساجد علي شر  اسان جي گهر ۾ گهڙي مونکي زيادتي جو نشانو بڻايو، آھي، انصاف ڪيو وڃي.  الزام ھيٺ آيل  جوابدار  ساجد  علي شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته الزام بي بنياد آھن مون ڪابه زيادتي ناھي ڪئي. ڪوٽ لالو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري مڙس ۽ سھري سان گڏجي ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي آھي، ناري کي ميڊيڪل لاء ليٽر ڏينداسين رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.