لکي لڳ ڪاٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو، سامان هٿ

لکي غلام شاھه (رپورٽ : نديم جان مهر) گذريل ڏينھن چڪ پوليس ايس ايڇ او احمد علي ھاليپوٽو جي اڳواڻيء ۾ ناڪي نمبر ھڪ تي ڪٻاڙڪي  جي دڪاندار محمد علي سومري جي دڪان تي ڇاپو ھنيو ويو ۽ ڪٻاڙڪي دڪان جي تلاشي  وٺڻ دوران شڪي بيٺل موٽر سائيڪل ۽ ٻين  موٽرسائيڪلن جا فريم ۽ سامان ھٿ ڪري ورتو چڪ پوليس ڪارروائي ڪندي بيٺل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان کڻي دڪاندار محمد علي سومرو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي انھيء موقعي تي ايس ايڇ او احمد علي ھاليپوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته اسان کي خوفيا اطلاع مليو ته ڄاڻايل دڪاندار محمد علي سومرو چوري جون موٽرسائيڪلون خريدو فروخت ڪندو آھي اسين شڪ جي بنياد تي ڪٻاڙڪي دڪان تي ڇاپو ھنيو جتان اسان کي بنا ڪاغذن واري موٽر سائيڪل ملي  بعد ۾ ان موٽرسائيڪل جا ڪاغذ کڻي آيا بعد ۾ گرفتار ڪيل کي  آزاد ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.