قمبر ۾صفائي نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

قمبر ( ت ر ) فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران  شهر جي روڊ رستن، اسڪول ۽ هر هڪ پاڙي ۾ گندگي جا ڍير ۽ ناڪارا  بڻيل سيوريج سسٽم  هنڌ هنڌ  نالين جو گند ڪچري، مکيون، مڇر  جنهن مان گيسٽرو، ساھ جون بيمارين عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اهڙي عمل خلاف  سماجي تنظيم فرينڊس جي اڳواڻن 6  ڏينهن به قمبر پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ زنجير ويڙهي بک هڙتال ڪندي انتظاميا جي بي حس ۽ سڀ ٺيڪ واري روايتي هوڏ تي ويٺل نا اهل  ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاج جاري رکندي مظاهرين اعلي اختيارين کان انصاف جي گهر  ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن سالن کان شهرين سان ٿيندڙ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي هنن ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي. فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي اڳواڻن سڪندر جهنڊيل،  خالد حسين مارفاڻي، تصور  حسين ڀٽو، ڪاشف حسين سومرو،  ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،  نسيم جهنڊيل،  راجا زاهد ۽ ٻين شرڪت ڪئي هنن چيو ته جيسيتائين شهر ۾ صفائي ۽ سيوريج سسٽم بهتر نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.