ڪنڌڪوٽ ۾گاڏيءَ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي زور ڳڙه وٽ تيز رفتار شھزور گاڏي جو موٽر سان سائیڪل کي ٽڪر ٿي پيو.ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ھڪ عورت نور خاتون ۽ مير بحر سخت زخمي ٿي پيا.زخمين کي پوليس ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مٺياڻي ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

مٺياڻي (ن ع آ) مٺياڻي مورو لنڪ روڊ تي ٻن موٽرساڪلن ۾ آمهو سامهون زوردار ٽڪر ٿي ويو پيو جنهن سبب مٺياڻي واسي ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ترت مٺياڻي اسپتال داخل ڪيو ويو ٻن زخمين مان   ايوب ملاح سخت زخمي ٿيڻ سبب نواب شاه ريفر ڪيو ويو آهي زخمي ۾ زاهد سيال شامل آهن.

سلطان ڪوٽ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

ميان صاحب (ن ع آ) شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه روڊ تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا سخت زخمي، واقعي واري هنڌ تي بيٺل ماڻهن روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ٽنهي ڄڻن کي سول اسپتال سلطان ڪوٽ پهچايو، زخمين مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ سلطان ڪوٽ جي علائقي زرخيل واسي علي احمد بروهي طور ڪئي وئي  جڏهن ته ٻن زخمين ۾ بلوچستان جي شهر مانجهي پور سان تعلق رکندڙ صدورو پٽ گهنور جمالي سميت هڪ عورت پڻ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.