ٺٽي ۾ڳوٺاڻن جو پوليس تشدد خلاف احتجاج، حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي شهر ويجھو ڳوٺ گل حسن سولنگي جي ڳوٺاڻن پوليس اهلڪار جي ڪيل تشدد واري ڪاروائي خلاف پريس ڪلب ٺٽي آڏو پهچي ٺٽو ڪراچي حيدرآباد قومي شاهراھ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي هتان کان لنگھندڙ سموري ٽرئفڪ جام ڪري ڇڏي. ان موقعي تي عورتن، ٻارڙن  سان گڏ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو تہ پوليس اهلڪار بشير پنهنجي ساٿين جي مدد سان بلاجواز ڳوٺاڻي پيربخش گندرو جي گھر ۾ داخل ٿي پير بخش ، عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت مارڪٽ ڪري گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري خوف حراس وارو ماحول پکيڙيو. هنن چيو تہ پوليس اهلڪار ۽ ان جي ساٿين جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن جڏهن تہ ٺٽو ٿاڻي تي پڻ رپورٽ درج ڪرائي آهي پر پوليس  ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چتاءَ ڏيندي چيو تہ حملي آور پوليس اهلڪار ۽ ان جي ساٿين جي گرفتاري تائين هو احتجاجي ڌرڻو ٽرئفڪ کي معطل رکندا ٻئي پاسي ٺٽي ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين تشدد ڪندڙن خلاف ڪاروائي جي خاطري ڪرائڻ تي ڳوٺاڻن احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري معطل ٽرئفڪ کي بحال ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.